Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 17:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 17:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ آءٌ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس. آءٌ اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس.


پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


چغلخور ماڻهو راز کي راز ۾ رهڻ نہ ٿو ڏئي، تنهنڪري اهڙي بڪواسي ماڻهوءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.


جيڪو ماڻهو ٻين جي اجائي خوشامند ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ انهن لاءِ هڪڙو ڦندو ٿو اڏي.


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


انهن قومن منجھہ اوهان کي سک نصيب نہ ٿيندو، نڪي اوهان جي پيرن جي ترين کي آرام ملندو، بلڪ خداوند اوهان کي اُتي ڳڻتي، نااميدي ۽ جان جو جھورو ڏيئي ڇڏيندو.


اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. خدا انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ