Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 17:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي ساٿين جي دلين کي سچ سمجھڻ کان روڪي رکيو آهي. پر هاڻ مون تي الزام مڙهڻ ۾ تون هنن کي ڪاميابي نہ بخش،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو تو هنن جي دل سمجهہ کان لڪائي آهي: تنهن ڪري تون هنن کي مٿي نہ چاڙهيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 17:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اخيتفل ابي‌سلوم سان گڏ بغاوت ۾ شامل هو، تڏهن هن دعا گھري تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي صلاح مصلحت کي بيعقليءَ ۾ بدلاءِ.“


تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


هو معتبر ماڻهن جون زبانون بند ٿو ڪري ڇڏي، هو بزرگن جي سمجھہ کسي ٿو وٺي.


ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘


اهو خداوند ئي آهي، جنهن مصرين منجھہ مونجھارو وجھي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو سندن ئي اڳواڻن کين سڀني ڪمن ۾ گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي انهيءَ نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿي پيا آهن، جيڪو پنهنجي الٽيءَ تان پاڻ ئي ترڪي پوي.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“


هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا هن دنيا جي ڏاهپ کي بي‌وقوفي قرار نہ ڏنو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ