Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هن مون کي پنهنجي غضب ۾ ڦاڙيو آهي ۽ ستايو اٿس، هن پنهنجا ڏند مون تي ڪرٽيا آهن؛ منهنجي دشمن پنهنجون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 16:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟


تون منهنجيون ٽنگون بہ ڪاٺ ۾ ٿو وجھين، ۽ منهنجي بچاءَ جا سڀ رستا بہ بند ٿو ڪري ڇڏين، ايتري قدر جو منهنجا پير لِيڪي ٿو ڇڏين.


تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟


هن مون تي پنهنجو اهڙو غضب نازل ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ آءٌ سندس دشمنن ۾ شامل آهيان.


اٽلندو تون مون سان سختيءَ سان پيش ٿو اچين، ۽ پنهنجي پوري طاقت سان مون کي ستائين ٿو.


تہ بہ خدا مون ۾ عيب ڳولي ٿو، ۽ مون سان پنهنجي دشمنن وارو سلوڪ ڪري ٿو.


قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن.


اهي مون کي ائين گارگند ڪڍندا ٿي رهيا، ۽ مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيندا ٿي رهيا، جيئن ڄڻ کين خدا جو خوف ئي ڪونہ هو.


بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين.


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“


هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي، هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري مون تي حملو ڪيو.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


اي اسان جا دشمنؤ! اسان جي مشڪلاتن تي خوشيون نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اسين ڪري پيا آهيون، تڏهن بہ خدا اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو. ڀلي کڻي هن وقت اسين اونداهيءَ ۾ آهيون، پر خداوند اسان کي روشني عطا ڪندو.


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ