Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 16:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن اوهين منهنجي جاءِ تي هجو ها، ۽ آءٌ اوهان جي جاءِ تي، تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگھيس. آءٌ بہ اوهان جي خلاف ڳالهيون ٺاهي ٿي سگھيس، ۽ پنهنجو مٿو اوهان جي خلاف لوڏي ٿي سگھيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 16:4
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا.


”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟


پر نہ، آءٌ تہ پنهنجي مشورن سان اوهان کي همتايان ها، ۽ منهنجي واتان ڏنل تسلي، جيڪر اوهان جو ڏک هلڪو ڪري ڇڏي ها.“


خبردار، اي ايوب! تون اجايون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين؟ هائو، نادانيءَ وچان ايڏيون وڏيون ڳالهيون نہ ڪر.“


”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري.


آءٌ پنهنجي دشمنن جي نظر ۾ طعني جوڳو ٿي ويو آهيان، اهي جڏهن بہ مون کي ڏسن ٿا ٽوڪ وچان ڪنڌ کي لوڏين ٿا.


جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي مون تي کلندا ٿا وتن. هو منهنجا چٻرا ٿا ڪڍن ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏيئي هيئن چون ٿا تہ


”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“


تو اسان کي قومن منجھہ پهاڪي جو سبب بڻايو آهي، جن ۾ اسين کلڻ‌هاب بڻيا آهيون.


گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.


بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


تنهن جي جواب ۾ هو سنحيرب کي فرمائي ٿو تہ ’اي سنحيرب! يروشلم شهر وارا تو کان نفرت ٿا ڪن، ۽ ٺٺوليون ڪندي تو تي کلن ٿا.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


اي موآب وارؤ! ڇا خداوند جي قوم اوهان جي لاءِ کل ٺٺوليءَ جو باعث ڪين هئي؟ انهيءَ قوم کي چورن سان گڏ ڏٺو ويو هو ڇا، جو اوهين جيترا ڀيرا هن جو ذڪر ٿا ڪريو اوترا ڀيرا اوهين منهن کي موڙو ٿا ڏيو؟


هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“


اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بي‌فڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.


سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ