9 تڏهن بہ پاڻيءَ جي ڦڙي ملڻ سان هو وري ڦٽندو، ۽ نئين ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.
9 تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو.
پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟
توڙي جو ان جون پاڙون زمين ۾ پراڻيون ٿي وڃن، ۽ ان جو ٿُڙ مٽيءَ ۾ ڳري وڃي،
اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي، جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي. جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي، ۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين.
انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو، جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو. جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي، ۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا، سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.