4 جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟
4 ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.
جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو تہ کيس پنهنجي صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين.
انسان آهي ڇا جو پاڪ ٿي سگھي؟ هائو، ڇا فاني انسان ڪو سچار ٿي سگھي ٿو؟
ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.
مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.
تون اسان کي اهڙو غرق ڪري ٿو ڇڏين، ڄڻ تنهنجي نظر ۾ اسين رڳو هڪ خواب مثل آهيون، هائو، ان گاهہ مثل، جيڪو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃي ٿو. اهو گاهہ صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جھومي ٿو، پر جڏهن شام ٿئي ٿي تڏهن ڪُومائجي سُڪي وڃي ٿو.
اهو ڪير آهي جيڪو پنهنجو پاڻ چئي تہ ”مون پنهنجيءَ دل کي پاڪ صاف رکي پاڻ کي گناهن کان آجو ڪيو آهي.“
ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.
انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو.
هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي دنيا ۾ گناهہ آيو، گناهہ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني گناهہ ڪيو.
اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.