5 ڪاش! اوهين بلڪل خاموش رهو ها، تہ اها اوهان جي ڏاهپ ليکجي ها.
5 اڙي جي، اوهين اصل ماٺ ڪري ويهو تہ چڱو! جيڪر اها اوهان جي ڏاهپ هجي.
اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟
”سو اوهين ماٺ ڪري ويهو، مون کي ڇڏي ڏيو تہ آءٌ ڳالهايان، پوءِ جيڪي بہ مون سان ٿيڻو هوندو سو ڀل ٿئي.
هاڻي اوهين ماٺ ڪري ويهي منهنجا دليل ٻڌو، هائو، جيڪا دعويٰ آءٌ خدا وٽ پيش ڪرڻ وارو آهيان، تنهن ڏانهن ڌيان ڏيو.
”اي ايوب! تون ڪيستائين پيو ڳالهائيندو رهندين؟ سمجھدار ٿيءُ ۽ هاڻي اسان جي ڳالهہ ٻڌ.
”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟
اوهين منهنجي ههڙي حال تي غور ڇو نہ ٿا ڪريو؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ اوهان کي عجب ٿو لڳي! ۽ ڪيئن نہ اوهان کي ڏندين آڱريون اچي ٿيون وڃن.
آخرڪار ايوب جي ٽنهين دوستن ساڻس بحث ڪرڻ کان بس ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ کي سچو ٿي سمجھيو.
آءٌ منتظر رهيس تہ هو وڌيڪ ڳالهائيندا، پر هو چپ چاپ ويٺا آهن ۽ ڪو جواب نہ ٿا ڏين.
بيعقل جڏهن ماٺ رهي ٿو تڏهن ڏاهو شمار ڪيو وڃي ٿو. هائو، جيڪو پنهنجا چپ بند ٿو رکي، سو سياڻو سمجھيو ٿو وڃي.
اوهين هن چوڻيءَ تي غور ڪريو تہ ”جيئن گھڻي ڳڻتيءَ سان ننڊ حرام ٿي ويندي آهي، تيئن گھڻي ڳالهائڻ وارو بيوقوف هوندو آهي.“
تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،