ايوب 13:4 - Muslim Sindhi Bible4 اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“