پوءِ جڏهن خداوند ايوب سان اهي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن اليفز تيمانيءَ کي فرمايائين تہ ”مون کي تو تي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن تي ڪاوڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي، جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.
آءٌ بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي تعريف نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا رسول سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.