Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 13:16 - Muslim Sindhi Bible

16 شايد منهنجي اها جرئت منهنجي ڇٽڻ جو سبب بڻجي پوي، ڇاڪاڻ تہ ڪو بدڪار ماڻهو تہ هن جي اڳيان بيهڻ جي همت ئي نہ ٿو ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 هو منهنجو ڇوٽڪارو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو بيدين ماڻهو هن جي اڳيان نہ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 13:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو تو منهنجي دانهن ٻڌي مون کي ڇڏايو آهي.“


ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“


سچ آهي تہ بت‌پرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.


بيشڪ خداوند ئي منهنجي طاقت ۽ راڳ آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


ان کان علاوہ جيڪي خدا کي رد ڪندڙ آهن، سي پنهنجي غصي کي قائم رکندا ٿا اچن، ايتري قدر جو جڏهن خدا کين سزا ٿو ڏئي، تڏهن بہ اهي کيس مدد لاءِ نہ ٿا پڪارين.


خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بي‌دينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي.


منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.


سو هاڻي منهنجي ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو، هائو، منهنجو بيان پوري ڌيان سان ٻڌو.


پوءِ آءٌ ساڻس بحث ڪريان ها، ڇو تہ آءٌ سچو آهيان، تڏهن هو منهنجي بي‌گناهہ هجڻ جو اعلان ڪري ها تہ آءٌ هميشہ لاءِ ڇٽي وڃان ها.


خدا جون اکيون انسان جي عملن تي لڳل آهن، هو ان جي هر قدم کي ڏسي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ