9 انهن سڀني مان هر ڪو تو کي ٻڌائي سگھي ٿو، تہ خداوند جي هٿن ئي هي سڀ ڪجھہ بڻايو آهي.
9 انهن سڀني ۾ ڪير نٿو ڄاڻي تہ خداوند جي هٿ ائين ڪيو آهي؟
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻي بيشمار ساهوارن سان ڀرجي وڃي ۽ پکي آسمان ۾ اُڏامن.“
پر مون کي بہ اهڙي سمجھہ آهي، جهڙي اوهان کي آهي. آءٌ اوهان کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ ڪين آهيان. ڀلا اوهان جون چيل ڳالهيون ڪير نہ ٿو ڄاڻي؟
تون زمين جي مخلوق کان، توڙي سمنڊ جي مڇين کان پڇندين تہ اهي تو کي ڏاهپ سيکارينديون.
”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.
تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.
پوءِ ماڻهو اهي ڏسي ڄاڻي وٺندا، هائو، اهي سڀيئي ويچار ڪري سمجھي وٺندا تہ اهو سڀ مون خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي هٿن جي ڪاريگري آهي.“
اي بادشاهہ! خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي، عظمت، عزت ۽ حشمت عطا ڪئي هئي.
تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.
آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر عظيم ديوي ارتمس جي مندر جو رکوالو آهي ۽ ان جو پٿر بہ آسمان مان هتي نازل ٿيو هو.
بيشڪ سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
هو ئي شاهوڪارن کي ڪنگال ٿو بڻائي، ۽ ڪنگالن کي شاهوڪار، هو ئي لاهي هيٺ ڪري ٿو ۽ هو ئي بلند ٿو ڪري.