Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 12:4 - Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 12:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟


اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو.


ڏسو، مون پنهنجي مقدمي جي چڱيءَ طرح تياري ڪئي آهي، مون کي يقين آهي تہ آءٌ بلڪل حق تي آهيان.


سو ماڻهو پنهنجو وات ڦاڙي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، هو ملامت ڪرڻ واسطي مون کي منهانيون چماٽون ٿا هڻن، هو پاڻ ۾ هڪ ٿي منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن.


بيشڪ منهنجو فرياد ئي منهنجي وڪالت ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجيون اکيون انصاف لاءِ خدا ڏانهن واجھائي رهيون آهن.


منهنجي هيءَ حالت ڏسي هر ڪو مون تي ٺٺوليون ٿو ڪري، ۽ منهنجيون اکيون سندن ڇيڙڇاڙ کي رڳو ڏسنديون ٿيون رهن.“


خدا مون کي ماڻهن لاءِ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيو آهي، آءٌ اهڙو ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿڪون ٿا هڻن.


مون کي ڇڏيو تہ آءٌ بہ ڪجھہ ڳالهايان، جڏهن آءٌ ڳالهائي بس ڪريان، پوءِ ڀلي پيا ٺٺوليون ڪجو.


”پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي بہ مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي آءٌ پنهنجي ڌڻ جي محافظ ڪتن سان گڏ ويهڻ بہ گوارا نہ ڪندو هئس.


”پر هاڻي سندن اولاد مون تي راڳ ٺاهي ٺٺوليون ٿو ڪري، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان.


پر هاڻي اوهين ئي ٻڌايو تہ ايوب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هو خدا جي بي‌ادبي اهڙي تہ آسانيءَ سان ٿو ڪري، ڄڻ پاڻي ٿو پيئي.


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ بي‌انصافيءَ کان باز اچو، هائو، باز اچو، ڇو تہ آءٌ حق تي آهيان.


”آءٌ بي‌گناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان.


اهي مون کي ائين گارگند ڪڍندا ٿي رهيا، ۽ مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيندا ٿي رهيا، جيئن ڄڻ کين خدا جو خوف ئي ڪونہ هو.


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


اي خداوند! تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني، جيڪا مون مڃي. تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين. هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي، هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“


اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڇوڪري مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن شاگردن ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڇوڪري پيئي هئي.


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ