2 ”واہ! قوم جو آواز رڳو اوهين ئي آهيو، ۽ اوهان جي مرڻ سان گڏوگڏ ڏاهپ بہ مري کپي ويندي.
2 انهي ۾ شڪ ڪونهي تہ اوهين اهي ماڻهو آهيو ۽ ڏاهپ اوهان سان گڏ مري ويندي.
پر بيوقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“
”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟
ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.
تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ
”ڇا تو جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ کي اهو جڳائي ٿو تہ تون اجايون ڳالهيون جوڙي جواب ڏئين، ۽ پنهنجو پاڻ کي هوا سان ڦنڊائين؟
پر جي اوهين سڀ جو سڀ، جيڪي پاڻ کي سچار ٿا سمجھو سي اچي مون آڏو بيهو، تہ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ نہ ايندو، جيڪو حقيقت کي سمجھي سگھي.“
ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي ساٿين جي دلين کي سچ سمجھڻ کان روڪي رکيو آهي. پر هاڻ مون تي الزام مڙهڻ ۾ تون هنن کي ڪاميابي نہ بخش،
تو تهمت هڻي مون کي بيعزت ڪيو آهي، پر آءٌ تو کي انهيءَ جو جواب ڏيڻ ڄاڻان ٿو.
مون نادان کي تو ڪهڙي نہ صلاح ڏني آهي! واہ! تو ڪيڏي نہ عقلمنديءَ واري ڳالهہ ڪئي آهي!
دولتمند ماڻهو پاڻ کي هميشہ ڏاهو ٿا سمجھن، مگر عقلمند توڙي جو غريب هجي تہ بہ انهن کي پرکي سگھي ٿو.
ويل آهي اوهان لاءِ! ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پاڻ کي ڏاهو ٿا سمجھو، ۽ پنهنجي خيال مطابق پاڻ کي عقلمند ٿا ڄاڻو.
اسين تہ مسيح جي خاطر بيوقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بيعزت ٿا ليکجون.
آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟