4 تون دعويٰ ٿو ڪرين تہ تون جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، ۽ خدا جي نظر ۾ تون بلڪل پاڪ صاف آهين.
4 ڇالاءِ جو تون چوين ٿو تہ منهنجي تعليم پاڪ آهي، ۽ آءٌ تنهنجي نظر ۾ صاف آهيان.
جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ قصوروار نہ آهيان، ۽ اهو بہ تہ تنهنجي هٿان مون کي ڪوبہ ڇڏائي نہ ٿو سگھي؟
پر ڪهڙو نہ چڱو ٿئي جو خدا پاڻ ڳالهائي، ۽ تنهنجي خلاف پنهنجا چپ کولي!
جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟
”اي ايوب! ڇا تون اهو درست ٿو سمجھين، جو دعويٰ ڪري چوين ٿو تہ ’آءٌ خدا آڏو سچار ثابت ٿيندس؟‘
جيڪڏهن مون کي معلوم ٿئي تہ خدا ائين ڪندو، تڏهن جيڪر مون کي تسلي ٿئي، ۽ هي دائمي ايذاءَ آءٌ خوشيءَ سان پيو سهان، ڇاڪاڻ تہ مون انهيءَ پاڪ هستيءَ جي ڳالهين جو ڪڏهن بہ انڪار ناهي ڪيو.
اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟
آءٌ اوهان کي سٺيون صلاحون ٿو ڏيان. سو اوهين منهنجي نصيحتن کان منهن نہ موڙيو.
پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان