Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اي ايوب! ڇا تنهنجيون ٻٽاڪون ٻڌي ڪري ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گھرجي؟ جڏهن تون ٺٺوليون ڪرين، تڏهن ڪو تو کي شرمندو بہ نہ ڪري ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تنهنجون ٻٽاڪون ٻڌي ماڻهن کي ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي ڇا؟ ۽ جڏهن تون چرچا ڪرين تڏهن ڪو ماڻهو توکي شرمندو نہ ڪري ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 11:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.


اوهين منهنجو معاملو نہ سمجھندي رڳو ڪوڙيون ڳالهيون ويٺا ٺاهيو، اوهين سڀ جو سڀ نڪمن حڪيمن جيان آهيو، جو بيماري ئي نہ ٿا سمجھو.


ياد رکو، متان هو ڦري اوهان جي حقيقت جاچي، ۽ پوءِ اوهان لاءِ اهو چڱو نہ ٿئي، ڇو تہ اوهين انسان سان تہ ٺڳي ڪري سگھو ٿا، پر خدا سان ٺڳي ڪري نہ سگھندا.


منهنجي هيءَ حالت ڏسي هر ڪو مون تي ٺٺوليون ٿو ڪري، ۽ منهنجيون اکيون سندن ڇيڙڇاڙ کي رڳو ڏسنديون ٿيون رهن.“


مون کي ڇڏيو تہ آءٌ بہ ڪجھہ ڳالهايان، جڏهن آءٌ ڳالهائي بس ڪريان، پوءِ ڀلي پيا ٺٺوليون ڪجو.


پر هاڻ، جيڪڏهن منهنجيون چيل اهي ڳالهيون سچيون نہ آهن، تہ پوءِ ڀل ڪو مون کي ڪوڙو، ۽ منهنجي ڳالهين کي غلط ثابت ڪري ڏيکاري.“


پر هاڻي اوهين ئي ٻڌايو تہ ايوب ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي؟ هو خدا جي بي‌ادبي اهڙي تہ آسانيءَ سان ٿو ڪري، ڄڻ پاڻي ٿو پيئي.


اهي مون کي ائين گارگند ڪڍندا ٿي رهيا، ۽ مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيندا ٿي رهيا، جيئن ڄڻ کين خدا جو خوف ئي ڪونہ هو.


اي خداوند! تون انهن کي اهڙو خوار خراب ڪر، جو اهي تنهنجي نالي جي عظمت جا قائل بڻجي وڃن.


آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان، نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان. اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري پنهنجي منهن ٿو گذاريان، ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.


”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ