Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنجي ئي هٿن تہ مون کي جوڙي ٺاهي مڪمل ڪيو آهي، ڇا انهيءَ لاءِ تہ انهن ساڳين ئي هٿن سان مون کي چيڀاٽيندو رهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنجن هٿن چوڌاري گڏي مونکي جوڙيو آهي ۽ بنايو آهي؛ تڏهن بہ تون مونکي ناس ڪرين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟


ڪير آهي جيڪو منهنجي مقدمي جي مخالفت ڪري سگھي؟ جيڪڏهن آءٌ غلط آهيان، تہ پوءِ ماٺ رهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيان.“


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.


بيشڪ انهيءَ سان ڪو فرق نہ ٿو پوي، ڇو تہ خدا بي‌گناهہ ۽ بدڪار کي هڪجهڙو ئي ناس ٿو ڪري.


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


مون کي تنهنجي هٿن بڻايو آهي، هائو، آءٌ تنهنجو ئي خلقيل آهيان. سو مون کي اهڙي سمجھہ عطا ڪر، جو آءٌ تنهنجو هر حڪم ڄاڻي وٺان.


اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


جڏهن ڳجھہ ۾ آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ پئي جڙيس، تڏهن اتي بہ منهنجو پتلو تو کان لڪل ڪونہ هو.


جڏهن منهنجي عضون مان اڃا ڪو عضوو تيار ئي نہ ٿيو هو، تڏهن بہ منهنجو ڪچو مادو تنهنجي اکين آڏو هو. بلڪ منهنجي جڙڻ کان اڳ ئي تو وٽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن مقرر ٿيل هئا.


جيڪو سڀني انسانن جي دلين جو ٺاهڻ وارو آهي، تنهن کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو ڪو عمل لڪي سگھي ٿو ڇا؟


اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن. مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ