6 جيڪڏهن ائين ناهي تہ پوءِ ڇو تون مون ۾ ڏوهہ ٿو ڳولين؟ ڇو منهنجي گناهن بابت کوجنا ٿو ڪرين؟
6 جو تون منهنجن ڏوهن جي جاچ ٿو ڪرين، ۽ منهنجن گناهن جي ڳولا ٿو ڪرين،
تون ٻڌاءِ تہ مون ڪهڙا گناهہ ڪيا آهن؟ مون کان ڪهڙا قصور ٿيا آهن؟ مون کي بہ تہ خبر پوي تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ۽ گناهہ ڪيو آهي.
پوءِ جڏهن تون منهنجي قدمن تي ڌيان ڏيندين، تڏهن منهنجي گناهن جو پيرو نہ کڻندين.
مون کي ڪنهن فاني انسان سان شڪايت ڪانهي، خدا سان ئي شڪايت اٿم، جنهن سان آءٌ بيصبرو ٿي پيو آهيان.
تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟
اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟
تون بڇڙن ۽ بدڪارن جو زور ڀڃي ڇڏ. سندن بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪري ڇڏ، جو اها وري ڳولي نہ لڀي.
پوءِ ڇا تون انهيءَ کي پوري طرح ڄاڻي نہ وٺين ها؟ ڇاڪاڻ تہ تون تہ دلين جا ڳجھہ بہ ڄاڻين ٿو.
ان کان علاوہ تنهنجي ڪپڙن تي رت جا داغ بيگناهہ غريبن جا آهن نڪي کاٽ هڻندڙن جا.
ان وقت آءٌ بتي کڻي يروشلم ۾ تلاشي وٺندس، ۽ انهن کي سزا ڏيندس، جيڪي دولت سبب بيفڪرا ٿي دل ۾ چون ٿا تہ ’خداوند وٽان نہ چڱائي ٿيندي ۽ نہ مندائي.‘
تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.
پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.