Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڇا تو کي انهيءَ مان ڪو فائدو ٿو ملي، جو مون سان ظلم ڪرين، پنهنجي ئي خلقيل کي ڌڪارين، ۽ بدڪار ماڻهن جي منصوبن کي ڪامياب ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اهو ڪو تنهنجي لاءِ چڱو آهي ڇا تہ تون ظلم ڪرين، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم کي ڌڪارين، ۽ شريرن جي صلاح مصلحت کي روشن ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي ئي هٿن تہ مون کي جوڙي ٺاهي مڪمل ڪيو آهي، ڇا انهيءَ لاءِ تہ انهن ساڳين ئي هٿن سان مون کي چيڀاٽيندو رهين؟


پوءِ جڏهن تون مون کي سڏ ڪندين، تہ آءٌ اتان تو کي جواب ڏيندس، تڏهن تون پنهنجي هٿ جي جڙيل مخلوق، يعني منهنجي سار لهندين.


خدا مون کي بڇڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هائو، هن مون کي شريرن جي هٿن ۾ اڇلائي وڌو آهي.


پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي.


اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو پنهنجي طاقت جي ذريعي ڪاميابيون ٿا ماڻين. سو آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي پري ٿو رکان.“


تنهن هوندي بہ خدا ئي سندن گھر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا. پر آءٌ انهن کان ۽ انهن جي غلط خيالن کان پاڻ کي بلڪل پري ٿو رکان.


”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي،


اٽلندو تون مون سان سختيءَ سان پيش ٿو اچين، ۽ پنهنجي پوري طاقت سان مون کي ستائين ٿو.


جنهن خدا مون کي پيدا ڪيو آهي، تنهن ئي منهنجي ٻانَهن کي بہ پيدا ڪيو آهي.


انهيءَ لاءِ جو خدا جي روح مون کي جوڙيو آهي، هائو، قادرِمطلق جي دم مون کي حياتي بخشي آهي.


”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“


ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟


پر ياد رک، خدا بي‌قصور ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي، نڪي بدڪار ماڻهوءَ جا هٿ مضبوط ٿو ڪري.


بيشڪ انهيءَ سان ڪو فرق نہ ٿو پوي، ڇو تہ خدا بي‌گناهہ ۽ بدڪار کي هڪجهڙو ئي ناس ٿو ڪري.


خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟


اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


انهيءَ سبب جو خداوند محتاجن جي ٻڌي ٿو، ۽ قيد ۾ پيل پنهنجي ماڻهن کي وساري نہ ٿو ڇڏي.


پر اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين. اسين رڳو مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين، جنهن اسان سڀني کي پنهنجي هٿن سان جوڙيو آهي.


تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب تڪليفون ٿا سهن، سي نيڪ ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي سچي خالق جي حوالي ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ