Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 آءٌ خدا کي چوندس تہ مون کي ڏوهاري نہ ٺهراءِ؛ مون کي ڏيکار تہ ڇالاءِ تون مون سان وڙهين ٿو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون ٻڌاءِ تہ مون ڪهڙا گناهہ ڪيا آهن؟ مون کان ڪهڙا قصور ٿيا آهن؟ مون کي بہ تہ خبر پوي تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ۽ گناهہ ڪيو آهي.


مون کي ڪنهن فاني انسان سان شڪايت ڪانهي، خدا سان ئي شڪايت اٿم، جنهن سان آءٌ بي‌صبرو ٿي پيو آهيان.


تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟


”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“


اي بني آدم مٿان داروغا! جيڪڏهن مون کان ڪو گناهہ ٿئي بہ تہ تنهنجو ڇا بگڙندو؟ تو ڇو مون کي پنهنجو نشانو بڻايو آهي؟ ڇا آءٌ تو تي بار بڻيو آهيان؟


جڏهن تہ مون کي اڳ ۾ ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تہ پوءِ آءٌ ڇا جي لاءِ اجائي جاکوڙ ڪريان؟


جيڪڏهن انسان ساڻس بحث ڪرڻ بہ چاهي، تہ سندس هڪ هزار ڳالهين مان هڪڙيءَ جو بہ جواب ڏيئي ڪين سگھندو.


اي خداوند، منهنجا رب! تنهنجو رحم عظيم آهي، سو تون مون کي انهن کان ڇڏائي وٺجانءِ. هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب مون تي ٻاجھہ ڪجانءِ.


تون پنهنجي هن بندي کي پنهنجي عدالت آڏو نہ آڻج، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي آڏو ڪوبہ سچار ثابت نہ ٿو ٿئي.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پيو پڪاريان، تون منهنجي ضرور ٻڌجانءِ. مون تي پنهنجو رحم ڪري منهنجي مدد ڪجانءِ.


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ