Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تو مون کي ماءُ جي پيٽ مان ڪڍيو ئي ڇو؟ ان کان اڳ جو ڪا اک مون کي ڏسي ها، جيڪر آءٌ مري وڃان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن ڇو تو ماءُ جي پيٽ مان مون کي ٻاهر آندو آهي؟ آءٌ ساهہ ڏيان ها، تہ ڪنهن بہ اک مون کي نہ ڏٺو هجي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.


پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟


پر شريرن کي ڪا ڀلائي ڏسڻ ۾ ڪين ايندي. کين ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪونہ ملندو. سندن آخري اميد رڳو موت ئي هوندي.“


آءٌ جيڪر ڄمان ئي نہ ها، آءٌ جيڪر ماءُ جي پيٽ مان ئي سڌو قبر ڏانهن کڄي وڃان ها.


منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ