Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جي منهنجو ڪنڌ پاڻ کي مٿي ڪري ٿو، تہ تون شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهيو پوين: ۽ وري عجيب طرح مون کي پاڻ ڏيکارين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ ڇو تون مون کي پنهنجو دشمن ٿو سمجھين؟


خدا غضب وچان مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا آهن، هن ڄڻ دشمن بڻجي پنهنجيون اکيون مون تي تيز ڪيون آهن، هائو، هن منهنجي پٺيان پيئي مون کي چيريو ڦاڙيو آهي.


بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.


سڄي سڄي رات آءٌ تڪليف وچان رڙندو رهندو هئس، ڄڻ ڪنهن شينهن وانگر تو منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هجن. مون سمجھيو ٿي تہ تو منهنجي حياتي ڏينهن کان رات ٿيڻ وارين چند گھڙين تائين پوري ڪري ڇڏي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو، بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو، هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو، تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي. اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي، ۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.


هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي، هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري مون تي حملو ڪيو.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


تہ پوءِ خداوند اوهان تي عجيب آفتون نازل ڪندو ۽ اوهان جي اولاد جي آفتن کي وڌائي وڏيون ۽ گھڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون ۽ گنديون ۽ ڊگھيون بيماريون ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ