Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 منهنجو روح منهنجي حياتيءَ کان بيزار آهي ۽ آءٌ پنهنجي فرياد آزاديءَ سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي ڏکي روح سان ڳالهائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 10:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“


پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.


ڀلا، جيڪڏهن مون کان سچ پچ ڪا خطا ٿي آهي، تہ پوءِ ان مان اوهان کي ڪهڙو نقصان رسيو آهي؟


ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.


اوهين سمجھو ٿا تہ منهنجيون ڳالهيون هوائي آهن، تہ پوءِ نااميديءَ ۾ چيل منهنجي انهن ڳالهين تي ڇو بي‌رحميءَ سان ڇينڀيو ٿا؟


”تنهنڪري آءٌ پنهنجي زبان کي ڪين روڪيندس، بلڪ آءٌ پنهنجي روح جي رنج مان ڳالهائيندس، آءٌ پنهنجي جان جي عذاب ڪري خدا سان شڪايت ڪندس:


مون کي پنهنجي حياتيءَ کان نفرت آهي، بس هاڻ آءٌ گھڻي وقت تائين ڪين جيئندس. سو هاڻ تہ مون کي ڇڏي پري ٿيءُ، ڇو تہ منهنجي حياتي ڪنهن دم جي مهمان آهي.


”آءٌ بي‌گناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان.


اي خداوند! آءٌ تہ ڪجھہ چئي بہ نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون سان هي سڀ تو ئي تہ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي حياتي زهر ٿي پيئي آهي، تنهن هوندي بہ مون کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻا آهن.‘


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ