Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي اچي حاضر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.


تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري.


ايتري ۾ هڪڙو روح اچي خداوند جي آڏو بيٺو ۽ چيائين تہ ’آءٌ هن کي ڌُتاريندس.‘ خداوند پڇيس تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘


وري هڪڙي ڏينهن جڏهن ملائڪ خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آيا، تڏهن شيطان بہ ساڻن گڏجي خداوند آڏو اچي حاضر ٿيو.


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بي‌سبب کيس ناس ڪريان.“


اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا.


سو بادشاهہ کين وري چيو تہ ”ڏسو، آءٌ باهہ جي وچ ۾ چئن ماڻهن کي کُليل ڏسان پيو، جيڪي گھمندا ڦرندا ٿا وتن ۽ انهن کي ڪو ايذاءُ بہ ڪونہ رسيو آهي، جڏهن تہ چوٿين ماڻهوءَ جي شڪل معبودن جهڙي ٿي ڏسجي.“


رويا ۾ خداوند مون کي سردار ڪاهن يشوع ڏيکاريو، جيڪو خداوند جي ملائڪ جي اڳيان بيٺو هو ۽ شيطان يشوع جي ساڄي پاسي کان بيٺو هو انهيءَ لاءِ تہ مٿس الزام مڙهي.


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم خدا جو فرزند هو.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ