Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:5
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.


پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربان‌گاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين.


الياس ٻارهن پٿر کنيا، جيڪي يعقوب جي نسل يعني بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي تعداد موجب هئا. هي يعقوب اهو هو جنهن کي خداوند چيو هو تہ ”تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو.“


ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


جڏهن ڪاهن ۽ لاوي پاڻ کي پاڪ ڪري چڪا، تڏهن هنن عام ماڻهن، دروازن ۽ شهر جي ڀتين کي بہ پاڪ ڪيو.


پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگھيري وٽس جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ کانئس کسي وٺ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


ايوب جا پٽ واري واري سان پنهنجي پنهنجي گھر ۾ دعوت ڪندا هئا، جتي اهي سڀ گڏبا هئا ۽ پنهنجي ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پيئاريندا هئا.


تڏهن سندس زال چيس تہ ”اڃا بہ تون پنهنجي سچائيءَ تي قائم رهندين ڇا؟ خدا جي خلاف ڪفر ڳالهاءِ ۽ مري وڃ.“


پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟


جڏهن هو اُٿي کڙو ٿو ٿئي تڏهن زورآور ماڻهو بہ ڊڄيو وڃن، ۽ ان جي هلڻ جا ڪڙڪاٽ ٻڌي خوف وچان پٺ ڏيئي وٺيو ڀڄن.


تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بي‌عقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“


”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري.


جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.


هر صبح جو منهنجو آواز تو تائين پهچي ٿو. هائو، صبح جو ئي تو آڏو فرياد رکي آءٌ تنهنجي جواب جو انتظار ٿو ڪريان.


پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


هن بني اسرائيل جي ڪن جوانن کي موڪليو، جن ساڙڻ واريون قربانيون ڪيون ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن کي ڪهي سلامتيءَ جون قربانيون ڪيون.


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينهن پاڪ ۽ نيڪ ٿي گذاريون.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


يهودي قوم جي عيد فصح ويجھي هئي، سو ڪيترائي ماڻهو عيد فصح کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پاڪ ڪن.


سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.


تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


مون کي اوهان لاءِ خدا جهڙي غيرت آهي. انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي هڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو تہ جيئن اوهان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر هن وٽ حاضر ڪريان.


پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.


هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ خير سان آيو آهيان. آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني پيش ڪرڻ آيو آهيان. سو اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ مون سان گڏ قرباني ڪرڻ هلو.“ اهڙيءَ طرح هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪرايو ۽ کين قربانيءَ جي دعوت ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ