Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن جو مال ملڪيت ست هزار رڍون، ۽ ٽي هزار اُٺ، ۽ پنج سؤ ڏاندن جا جوڙا، ۽ پنج سؤ گڏهيون، ۽ تمام وڏو ڪٽنب هو؛ انهي ڪري اهو ماڻهو اُڀرندي جي سڀني رهندڙن مان سڀ کان وڏو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:3
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين.


ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا،


انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو.


خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.


پر ٻين زالن جي پٽن کي بہ ابراهيم بخششون ڏنيون. پوءِ پنهنجي جيئري ئي انهن کي پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري اوڀر طرف واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.


پوءِ يعقوب مسافري ڪندو ڪندو اوڀر پاسي رهڻ وارن جي ملڪ ۾ اچي پهتو.


جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا،


پوءِ ڀلا هنن جا ڍور ڍڳا، مال ملڪيت ۽ جانور سڀ اسان جا نہ ٿيندا ڇا؟ تنهنڪري اچو تہ اسين هنن جي ڳالهہ مڃون تہ جيئن هو اسان سان گڏجي رهن.“


شاهوڪار ماڻهوءَ وٽ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هئا.


سليمان جي دانائي اوڀر جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان ۽ مصر جي سڀني ماڻهن جي دانائيءَ کان وڌيڪ هئي.


مناحم اهي پئسا اسرائيل جي دولتمندن کان ڪڍيا. هر هڪ امير ماڻهوءَ کي پنجاهہ چانديءَ جا سڪا اشور جي شهنشاهہ لاءِ ڏيڻا پيا. پوءِ اهو لشڪر پوئتي موٽي ويو ۽ اسرائيل ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.


موآب جي بادشاهہ ميشا کي گھڻيون ئي رڍون هيون. سو هو اسرائيل جي بادشاهہ کي هر سال هڪ لک گھيٽن کان علاوہ هڪ لک گھٽن جي اُن پڻ ڍل طور پهچائي ڏيندو هو.


اٺن جو نگران اوبل اسماعيل گھراڻي وارو هو. گڏهن جو نگران يحدياہ مرونوتي هو.


هن چراگاهن ۾ پڻ ٺُلهَہ ٺهرايا ۽ اتي گھڻا ئي کوهہ کوٽايائين، ڇاڪاڻ تہ اولهہ وارن هيٺاهن علائقن ۽ ميدانن ۾ وٽس گھڻو چوپايو مال هو. جيئن تہ هن کي زراعت سان گھڻو چاهہ هو، تنهنڪري جابلو علائقن ۾ توڙي پوکيءَ لائق زمين ۾ انگورن جا باغ لڳائڻ ۽ پوک ڪرڻ تي هن ڪڙمي بيهاريا.


تنهن کان سواءِ هن پنهنجي لاءِ شهر تعمير ڪرايا ۽ هن وٽ وڏي تعداد ۾ رڍون ٻڪريون ۽ چوپايو مال هو، ڇاڪاڻ تہ خدا کيس تمام گھڻي دولت ڏني هئي.


تو هن جي، سندس ڪٽنب جي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي، تنهن سڀ جي هميشہ حفاظت نہ پئي ڪئي آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي ۽ هن جي ڍورن ڍڳن کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿيئي.


ايوب جا پٽ واري واري سان پنهنجي پنهنجي گھر ۾ دعوت ڪندا هئا، جتي اهي سڀ گڏبا هئا ۽ پنهنجي ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پيئاريندا هئا.


جڏهن اوهين چئو ٿا تہ ’ڪيڏانهن ويو شرير جو گھر؟ ۽ ڪٿي آهي اهو معتبر ماڻهو؟‘


آءٌ ئي سندن اڳواڻي ڪندو هئس، ۽ سندن لاءِ واٽون مقرر ڪندو هئس. آءٌ منجھن ائين رهندو هئس، جيئن ڪو بادشاهہ پنهنجي سپاهين ۾ رهي، آءٌ سندن ڏکن ۾ کين تسلي ڏيندو هئس.“


مون ڪڏهن بہ فخر نہ ڪيو آهي تہ مون کي گھڻي دولت آهي، ۽ منهنجي هٿن گھڻو ڪجھہ حاصل ڪيو آهي.


آءٌ جيڪر اوچي ڳاٽ خدا جي آڏو بيهي، کيس پنهنجي هر ڪيل ڪم بابت جواب ڏيان ها.


پوءِ جڏهن ايوب پنهنجي دوستن لاءِ دعا گھري بس ڪئي تڏهن خداوند کيس ٻيهر خوشحال بڻايو. هن ايوب کي انهيءَ کان بہ ٻيڻو ڏنو جيڪي اڳ ڏنو هئائينس.


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.


خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘


جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا.


هو پنهنجي چوپائي مال ۽ تنبن سميت مڪڙن جي ڪٽڪ وانگر ايندا هئا ۽ ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ توڙي سندن اٺ ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا هئا.


مدياني، عماليقي ۽ سڀ اوڀر وارا ماڻهو ماٿريءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا. سندن اٺ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي ذرڙن وانگر بي‌شمار هئا.


هوڏانهن زبح ۽ ضلمنع پنهنجي لشڪرن سميت قرقور ۾ هئا. اوڀر جي ماڻهن جي لشڪرن مان رڳو اهي اٽڪل پندرهن هزار ماڻهو وڃي بچيا هئا، جڏهن تہ هڪ لک ويهہ هزار تلوارباز قتل ٿي ويا هئا.


اُتي ڪالب جي گھراڻي جو هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جنهن جو نالو نابال هو. نابال کي ڪرمل شهر جي آس‌پاس ۾ گھڻي ملڪيت هئي ۽ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. کيس ٽي هزار رڍون ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيون. نابال جي زال جو نالو ابيجيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي سمجھہ واري ۽ خوبصورت عورت هئي. پر سندس مڙس نابال بدمزاج ۽ ڪميڻو هو. نابال جڏهن ڪرمل شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن پئي ڪتري.


دائود جڏهن بہ سندن علائقو فتح ڪندو هو تڏهن ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو. هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ ۽ سندن ڪپڙا کڻي موٽي اڪيس وٽ ايندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ