Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اهو نوڪر بہ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ وري چوٿون نوڪر اچي نڪتو ۽ چوڻ لڳو تہ ”توهان جي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گھر ۾ کاڌو پيتو پئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اڃا هن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، تنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گهر ۾ ماني پئي کاڌي ۽ شراب پئي پيتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن ايوب جي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گھر ۾ ويٺي کاڌو پيتو،


اڃا انهيءَ ڳالهايو ئي پئي تہ هڪڙي ٽئين نوڪر بہ اچي چيو تہ ”ڪسدين ٽن ٽولن جي صورت ۾ اچي اٺن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پڪڙي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


ايوب جا پٽ واري واري سان پنهنجي پنهنجي گھر ۾ دعوت ڪندا هئا، جتي اهي سڀ گڏبا هئا ۽ پنهنجي ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پيئاريندا هئا.


هن مون کي شڪست تي شڪست ڏيئي ٽوڙي وڌو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر مون تي ڪاهہ ڪري ٿو اچي.


”مون کي اڄ بہ خدا سان سخت شڪايت آهي، منهنجي چيچلائڻ جي باوجود سندس ڳرو هٿ مون تي پيو آهي.


جيڪڏهن هنن کي گھڻو اولاد هوندو آهي تہ اهي سڀ جنگ ۾ مارجي ويندا آهن. انهن جي نسل جي بک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي.


جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.


سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.


بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.


جنهن بہ وقت اها ٻوڏ ايندي تہ اوهان کي لوڙهي ويندي. هائو، اها بار بار ايندي، پوءِ صبح هجي توڙي منجھند يا رات. جڏهن اوهين خدا جو هي پيغام سمجھندا، تڏهن اوهان کي تمام گھڻي دهشت وٺي ويندي.


هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.


هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ