Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اڃا هنن ائين ئي پئي ڳالهايو تہ ٻيو بہ هڪڙو آيو ۽ چوڻ لڳو تہ، خدا جي باهہ آسمان مان ڪري آهي، ۽ رڍن کي ۽ نوڪرن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


تڏهن خداوند باهہ موڪلي ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ جي جانور، ڪاٺين ۽ پٿرن کي ساڙي ڇڏيائين، زمين کي لهس پهچايائين ۽ کڏ ۾ جيڪو پاڻي هو سو بہ سڪي ويو.


الياس ان سالار کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ پوءِ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان باهہ لٿي، جنهن سالار ۽ سندس پنجاهہ ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو.


الياس کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان خدا باهہ موڪلي ۽ سالار کي سندس پنجاهہ ماڻهن سميت ساڙي ڇڏيائين.


جيئن تہ اڳين ٻنهي سالارن کي پنهنجن پنجاهہ پنجاهہ سپاهين سوڌو آسمان مان باهہ لهي اچي ساڙي ڇڏيو، پر اسان تي رحم جي نظر ڪريو.“


اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.


اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“


تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي


هُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آسمان مان زمين تي باهہ ٿي وسايائين.


تڏهن خيمي‌گاهہ ۽ ميدان وارن سڀني فلستين ۾ اچي ڏڪڻي پيئي. پهريدار ۽ حملي ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا. زمين بہ پئي ڌڏي. اها ڏڪڻي خدا جي طرفان موڪلي ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ