Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهن تي خداوند شيطان کي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي. پر رڳو سندس جان کي نقصان نہ پهچائجانءِ.“ تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، جيڪي هن وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي؛ رڳو هن جي جان تي تون پنهنجو هٿ نہ کڻج، تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام جواب ڏنو تہ ”چڱو، هوءَ تنهنجي ٻانهي آهي ۽ تنهنجي هٿ ۾ آهي. سو جيئن تو کي وڻي تيئن تون ساڻس ڪر.“ پوءِ سارائيءَ هاجرہ کي ايتري تہ تڪليف ڏني جو هوءَ ڀڄي نڪتي.


خداوند انهيءَ کان پڇيو تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘ هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


سو اي اخي‌اب بادشاهہ! خداوند انهيءَ روح کي موڪلي تنهنجي هنن نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرايو آهي، بلڪ خداوند تو تي مصيبت آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“


هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


پر هاڻي پنهنجو هٿ ڊگھيري وٽس جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ کانئس کسي وٺ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن ايوب جي پٽن ۽ ڌيئرن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي گھر ۾ ويٺي کاڌو پيتو،


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم کي جلاوطنيءَ جي سزا بيشڪ ڏني. هائو، هن سخت آنڌيءَ جيان اوڀر جا لشڪر آڻي، کين پري ڌڪي ڪڍي ڇڏيو.


تنهن تي صدقياہ بادشاهہ کين وراڻيو تہ ”هو اوهان جي حوالي آهي، آءٌ اوهان جي راءِ جي مخالفت ڪري نہ ٿو سگھان.“


ڇاڪاڻ تہ جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم آهي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


انهيءَ رويا جي زبردست ڳالهين جي ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنهنڪري منهنجي بدن ۾ هڪ ڪَنڊو هنيو ويو، يعني شيطان جو چيلو جيڪو مون کي تنگ ڪندو رهي تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ