Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تو هن جي، سندس ڪٽنب جي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي، تنهن سڀ جي هميشہ حفاظت نہ پئي ڪئي آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي ۽ هن جي ڍورن ڍڳن کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تو هن جي چوڌاري، ۽ هن جي گهر جي چوڌاري، ۽ جيڪي وٽس آهي تنهن سڀ جي چوڌاري، سڀ ڪنهن پاسي کان پناهہ جي لاءِ لوڙهو نہ ڏيئي ڇڏيو آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، ۽ هن جو مال متاع زمين تي وڌي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:10
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي اچڻ کان اڳ توهان وٽ ٿورو مال هو پر هاڻي وڌي گھڻو ٿيو آهي. خداوند منهنجي قدم قدم تي توهان کي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گھر لاءِ ڪڏهن بندوبست ڪندس؟“


اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو.


جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


اي يوسف! اهو منهنجو خدا ئي آهي، جيڪو تنهنجي اولاد جي مدد پيو ڪندو. هائو، قادرِمطلق خدا مٿان آسمان مان برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪندو. هو ٻارن توڙي چوپائي مال ۾ کين جھجھيون برڪتون عطا ڪندو.


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


”ڪاش! آءٌ اهڙو ئي هجان ها جهڙو اڳئين وقت ۾ هئس، هائو، انهن ڏينهن وانگر جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو.


انهن ڏينهن ۾ مون کي تمام گھڻو مال ۽ باغ باغيچا هوندا هئا، تنهنڪري مون وٽ کير ۽ تيل جون نديون وهنديون هيون.


مون ڪڏهن بہ فخر نہ ڪيو آهي تہ مون کي گھڻي دولت آهي، ۽ منهنجي هٿن گھڻو ڪجھہ حاصل ڪيو آهي.


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن.


جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري.


اي خداوند! سچارن کي تون ئي برڪتون عطا ڪندين. تون پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڍال وانگر سندن بچاءُ ڪندين.


بيشڪ تون ئي منهنجي عزت کي وڌائيندين، ۽ مون کي نئين سر راحت بخشيندين.


پوءِ تو انهيءَ جي چوگرد وارو لوڙهو ڇو ڀڃي ڇڏيو، جو هاڻ اتان لنگھندڙ انهيءَ جو ميوو ڇنن ٿا؟


اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!


گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.


هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.


اي خداوند! تون هنن جي سگھہ ۽ قوت ۾ برڪت وجھہ، ۽ هنن جي هٿن جي پورهئي کي تون قبول فرماءِ. جيڪي هنن جي خلاف کڙا ٿين تن جي تون چيلهہ ڀڃي ڇڏ، تان‌تہ ساڻن دشمني رکندڙ وري اُٿي نہ سگھن.“


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو.


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


جيترو عرصو اسين انهن سان گڏ رڍون چاريندا رهياسون، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي چوڌاري ڄڻ هڪڙي ڀت هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ