Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 1:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ارام جي پٽن جا نالا هي هئا: عُوض، حول، جتر ۽ مسڪ.


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“


ديشان جا پٽ هي آهن: عُوض ۽ اران.


ٽئين ڏينهن تي يوسف کين چيو تہ ”مون کي خدا جو خوف آهي، سو اوهين جيڪڏهن هيئن ڪندءُ تہ اوهان جي جان بچي ويندي.


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


سِم جو اولاد هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود، ارام، عُوض، حول، جتر ۽ مسڪ.


ايصر جا پٽ هي هئا: بِلهان، زعوان ۽ عقان. ديشان جا پٽ هي هئا: عُوض ۽ اران.


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


تڏهن خداوند شيطان کي چيو تہ ”تو منهنجي ٻانهي ايوب جي حال تي بہ ڪو غور ڪيو؟ جو هن جهڙو ڪامل ۽ سچو انسان ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو مون خدا جو خوف ٿو رکي ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري ٿو. هو اڃا تائين بہ سچائيءَ تي قائم رهندو اچي، جيتوڻيڪ تو مون کي هن جي خلاف چوريو تہ بي‌سبب کيس ناس ڪريان.“


تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“


تو کي پنهنجي رستن جي سچائيءَ ۾ اميد ناهي ڇا؟ تو کي پنهنجي پرهيزگاريءَ تي ڪو ڀروسو ناهي ڇا؟


”آءٌ بي‌گناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.


سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.


سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري.


شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.


جن جا والدين سچار ۽ سڌي رستي تي ٿا هلن، سي ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن!


اوهين پنهنجو پاڻ کي گھڻو عقلمند نہ سمجھو، بلڪ خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو،


ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بي‌قصور ٿي رهجو.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.


هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ