Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماءُ پيءُ کي گھرائي کانئن پڇيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن يهودين کي اُنهي بابت اعتبار نہ آيو تہ ڪو هو انڌو هو، ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي؛ جيستائين ڪ جنهن ماڻهوءَ جون اکيون کُليون هيون، تنهن جي ماءُ پيءُ کي سڏي نہ پڇيائون

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا کي گھرائي کانئن پڇيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”جيڪو پيغام اسان خدا جي انهيءَ ٻانهي بابت ٿي ڏنو، تنهن تي ڪير يقين ڪري ٿي سگھيو؟ ڪير انهيءَ ۾ خداوند جي زور واري طاقت کي سمجھي ٿي سگھيو؟


ابراهيم چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين نبين جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“


يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“


سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ