يوحنا 8:54 - Muslim Sindhi Bible54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ساراهہ ڪريان تہ منهنجي ساراهہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي ساراهہ ڪري ٿو سو منهنجو پيءُ آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو خدا آهي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible54 يسوع جواب ڏنو، تہ جيڪڏهن آئون پنهنجي وڏائي ڪريان، تہ منهنجي وڏائي ڪي ڪينهي: منهنجو پيءُ پاڻ منهنجي وڏائي ڪرڻ وارو آهي؛ جنهن جي نالي چئو ٿا تہ هو اسان جو خدا آهي؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible54 يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament54 عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ پنھنجي ساراھہ ڪريان تہ منھنجي ساراھہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منھنجي ساراھہ ڪري ٿو سو منھنجو پيءُ آھي، جنھن جي لاءِ اوھين چئو ٿا تہ ’اھو اسان جو خدا آھي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.