Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا خدا کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابراهيم تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي سچ چيو آهي، جو خدا کان ٻُڌو اٿم، تنهن شخص کي مارڻ جي ٿا ڪريو: ابراهيم تہ ائين ڪين ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پر مون، جنهن اوهان کي اها سچائي ٻڌائي آهي جيڪا ايشور کان ٻڌي اٿم، تنهن کي اوهين مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. ابرهام تہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پر اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، جنھن اوھان کي سچ ٻڌايو آھي. مون اھو ئي ٻڌايو آھي جيڪو مون خدا کان ٻڌو آھي. ابراھيم تہ اھڙو ڪم ڪونہ ڪيو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:40
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار ماڻهو سچارن جي خلاف ويٺا سازشون رٿين، ۽ مٿن پنهنجا ڏند پيا ڪرٽين.


بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


مون وٽ اوهان بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن مان اوهين ڏوهاري ثابت ٿيندا. پر آءٌ رڳو اهي ئي ڳالهيون دنيا کي ٻڌايان ٿو، جيڪي مون انهيءَ کان ٻڌيون آهن جنهن مون کي موڪليو آهي ۽ اهو سچو آهي.“


اوهان جي پيءُ ابراهيم کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“


ان سان گڏوگڏ هو انهن طهريلن جو بہ پيءُ آهي، جيڪي نہ رڳو طهريل آهن پر ايمان واري اهڙي زندگي گذارين ٿا جهڙي اسان جي پيءُ ابراهيم طهر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.


تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟


پر جيئن انهيءَ وقت جسماني طور پيدا ٿيل ٻار پاڪ روح جي قدرت سان پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو، تيئن ئي هاڻي بہ ٿئي ٿو.


ازدها کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو عورت جي باقي اولاد، يعني جيڪي خدا جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ عيسيٰ بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ