Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 8:28 - Muslim Sindhi Bible

28 سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منش‌پتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابن⁠آدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 8:28
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘


ڇو تہ گھڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي گھڻن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“


هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين ايمان آڻيو تہ آءٌ اهو ئي آهيان.


سچائيءَ جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو آءٌ پيءُ ڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ هاڻي کان اوهين مون کي نہ ڏسندا،


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جهڙي نموني پنهنجي موت بابت ٻڌايو هو سو پورو ٿئي.


اتي هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ صليب تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي.


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالهايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آهي، تنهن جي شاهدي ڏيون ٿا. پر اوهان مان ڪوبہ اهڙو نہ آهي جيڪو اسان جي شاهدي قبول ڪري.


جيئن موسيٰ رڻ‌پٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن ابنِ آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،


تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“


تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا. جيڪڏهن اوهين اها ڳالهہ قبول نہ ڪندا تہ آءٌ اهو ئي آهيان، تہ پوءِ اوهين ضرور پنهنجن گناهن ۾ مرندا.“


انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پيءُ بابت ڳالهائي رهيو آهي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي پيغام کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي ايمان وارن ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا.


تنهن هوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي عيسيٰ تي ايمان آندو. اهڙيءَ طرح ايمان وارن جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ