Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ هن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اوهين ڀلي تهوار تي وڃو. آءٌ هن تهوار تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ تہ منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 اوھين ڀلي عيد تي وڃو. آءٌ ھن عيد تي نہ ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي شاگردن سميت عيد فصح اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“


تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”منهنجو وقت اڃا ڪونہ آيو آهي، پر اوهان جو وقت تہ سدائين آهي.


اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو.


عيسيٰ اهي ڳالهيون ان وقت چيون جنهن وقت هو هيڪل ۾ چندي وارين پيتين وٽ تعليم ڏيئي رهيو هو. اتي کيس ڪنهن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻ تہ اڃا سندس وقت نہ آيو هو.


تنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن عيسيٰ جون هي ڳالهيون ٻڌي مٿس ايمان آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ