Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:51 - Muslim Sindhi Bible

51 ”شريعت موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 تہ پهريائين، جيسين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌي آهي، ۽ نہ خبر پيئي آهي تہ هو ڇا ٿو ڪري، تيسين اسان جي شريعت ڪنهن جي بہ عدالت ڪري ٿي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

51 ”نيم موجب اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڏوهاري قرار ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين پاڻ سندس ڳالهيون ٻڌون ۽ سڌ پوي تہ هو ڇا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 ”شريعت موجب اسين ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سزا ڏيئي نہ ٿا سگھون، جيستائين اسين سندس ڳالھيون ٻڌون ۽ خبر پوي تہ ھو ڇا ٿو ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:51
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو.


جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بي‌وقوفي ۽ بي‌عزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي.


تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو، ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کان نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي عدالت ۾ خدا جو قانون رائج آهي. جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي، سو مون وٽ آڻجو تہ آءٌ اهو ٻڌندس.‘


اهڙي واجب‌القتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ