Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي خبر آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر هن جي تہ اسان کي خبر آهي تہ هو ڪٿان جو آهي، مگر جڏهن مسيح ايندو، تڏهن ڪنهن کي بہ خبر ڪانہ رهندي تہ اُهو ڪٿان جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پر اسين ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ايندو تہ ڪنهن کي بہ سڌ نہ پوندي تہ هو ڪٿان آيو آهي، جڏهن تہ اسان سڀني کي سڌ آهي تہ هي شخص ڪٿان آيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پر جڏھن مسيح ايندو تہ ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي تہ ھو ڪٿان آيو آھي ۽ اسان سڀني کي خبر آھي تہ ھيءُ شخص ڪٿان آيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


هن کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ مٿس سزا جي فتويٰ مڙهي کيس مارڻ لاءِ نيو ويو. هن جي انجام جي ڪنهن بہ پرواهہ نہ ڪئي. کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو. هائو، هو اسان جي گناهن جي ڪري قتل ڪيو ويو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس. اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


انهن جو اڳواڻ انهن منجھان ئي هوندو. هائو، انهن جو حاڪم سندن منجھان ئي ٿيندو. آءٌ هن کي سڏيندس تڏهن هو منهنجي ويجھو ايندو، نہ تہ ڪنهن جي مجال آهي جو ڪو پاڻ منهنجي ويجھو اچي سگھي؟ سو آءٌ ئي سندن خدا هوندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو عيسيٰ نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماءُ پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آهيان؟‘“


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو. پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟ ڇاڪاڻ تہ کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ