Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هن کي بنا پڙهڻ ڳڙهڻ جي علم ڪيئن آيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري جيڪڏهن اهو اڻ‌پڙهيلن کي ڏيئي چيو وڃي تہ ”مهرباني ڪري هي پڙهي ٻڌايو،“ تہ هو چوندا تہ ”اسان کي تہ پڙهڻ ئي ڪونہ ٿو اچي.“


۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟


اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.


جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي عيسيٰ جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.


جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا.


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“


يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


جڏهن تہ يهودي اڳواڻ عيد تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آهي؟“


پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.


پهريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو آهي، جهڙيءَ طرح هي شخص ٿو ڳالهائي.“


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ