Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهن هوندي بہ يهودين جي ڊپ کان ڪنهن بہ هن بابت کُلي کُلائي ڳالهہ نٿي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پر هن بابت ڪوبہ کُليو کُلايو نہ پيو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو يهودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.


تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.


انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


ان کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ پئي گھميو. هو يهوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاهي، ڇاڪاڻ تہ اتي يهودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رهيا هئا.


جڏهن تہ يهودي اڳواڻ عيد تي کيس ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آهي؟“


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ