Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ان کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پر جڏهن سندس ڀائر عيد تي هليا ويا، تڏهن پاڻ بہ ويو، نہ کُليو کُلايو، پر ڄڻ ڳُجهو پالهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ان کان پوءِ يسوع جا ڀائر تهوار تي يروشلم ويا. هو پاڻ بہ تهوار تي ويو پر کُليو کُلايو نہ، بلڪ لڪي ڇپي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ھن کان پوءِ عيسيٰ جا ڀائر عيد تي ويا. ھو پاڻ بہ عيد تي ويو پر کليو کلايو نہ، بلڪ لڪ چوريءَ ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 7:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.


اي منهنجا خدا! آءٌ انهيءَ ۾ خوش آهيان، جو تنهنجي مرضي پوري ڪريان، بلڪ تنهنجي شريعت تہ منهنجي دل ۾ سمايل آهي.


تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.


”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.


عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.


تنهنڪري عيسيٰ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ يهوديہ ۾ کُليو کُلايو گھمڻ ڇڏي ڏنو. پوءِ هو اتان رڻ‌پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانهن هليو ويو ۽ افرائيم نالي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو.


تڏهن سندس ڀائرن کيس چيو تہ ”هتان نڪري يهوديہ ڏانهن وڃ، تہ جيئن تنهنجا پوئلڳ بہ هي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رهيو آهين.


سندس ڀائرن اهو انهيءَ ڪري چيس جو هنن جو بہ مٿس ايمان نہ هو.


اهي ڳالهيون چوڻ کان پوءِ هو اتي گليل ۾ ئي رهي پيو.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ