Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هتي هڪڙو ڇوڪرو آهي، جنهن وٽ جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن، پر اهي ايترن ماڻهن ۾ ڇا ٿينديون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج روٽيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن مان هر هڪ پنهنجي مقرر واري موجب گھوڙي گاڏيءَ وارن گھوڙن ۽ گھوڙي سواريءَ وارن گھوڙن لاءِ جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ پهچائيندو هو جتي اهي جانور ٻڌل هوندا هئا.


تڏهن اليشع وراڻيو تہ ”خدا جيڪي فرمائي ٿو سو ٻڌ. هو چوي ٿو تہ ’سڀاڻي هن ئي وقت ڌاري سامريہ شهر جي دروازي تي ميدي جا ٽي ڪلوگرام ۽ جَوَن جا ڇهہ ڪلوگرام چانديءَ جي هڪ هڪ سڪي تي وڪامندا.‘“


هو تنهنجي سرحدن ۾ امن وَ سلامتي آڻي ٿو، ۽ عمدي ڪڻڪ سان تو کي ڀرپور ڪري ٿو.


بلڪ اهي خدا جي خلاف هيئن بہ بڪڻ لڳا هئا تہ ”ڇا خدا بيابان ۾ اسان لاءِ کاڌو مهيا ڪري ٿو سگھي؟


بني اسرائيل بار بار پنهنجي خدا کي پئي آزمايو آهي، هائو، هنن پنهنجي پاڪ معبود کي رنج پئي ڪيو آهي.


پر اوهان کي آءٌ بهتر ۾ بهتر ڪڻڪ جي ماني کارايان، ۽ هوند اوهان کي ٽڪر واري عمدي ماکيءَ سان ڍءُ ڪرايان.“


يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن جا رهاڪو پڻ تو سان واپار ڪندا هئا. هو تنهنجي شين جي بدلي ۾ پنهنجي عمدي ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج، ماکي، زيتون جو تيل ۽ سرهاڻ تو وٽ آڻيندا هئا.


تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“


اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج مانيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“


جڏهن مون پنج مانيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“


پر عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي شاگردن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“


مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها.


جڏهن مريم عيسيٰ وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون هينئر ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“


پوءِ عيسيٰ ماني کڻي انهن کي ڏني ۽ کين مڇي بہ ڏنائين.


جڏهن اهي سڪيءَ تي پهتا تہ هنن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکيل هئي.


پوءِ عيسيٰ اهي مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو.


تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“


ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


هن کين ڳئن جو مکڻ توڙي رڍن ٻڪرين جو جھجھو کير پيئاريو، ۽ ٿلها متارا ڍور ڍڳا توڙي ٻڪر گھٽا پڻ کارايائين. هن ڪڻڪ جي عمدي ميدي ۽ خالص مئي سان کين ڍءُ ڪرايو.


انهيءَ ملڪ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، انگور، انجير ۽ ڏاڙهون جا وڻ ٿا ٿين. ان ۾ زيتون جا وڻ ۽ ماکي ٿي ٿئي.


مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ