Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:41 - Muslim Sindhi Bible

41 تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها ماني آهيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 تڏهن يهودي هن بابت سُر پُر ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو هن چيو تہ آسمان مان جا ماني لهي آئي آهي، سا آئون آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها روٽي آهيان، جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:41
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


يحيٰ جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يحيٰ ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو.


هائو، زندگيءَ جي ماني آءٌ ئي آهيان.


هيءَ اها حقيقي ماني آهي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. هيءَ ماني اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ ماني کائيندو سو هميشہ زندہ رهندو.“


اهي ڳالهيون ٻڌي سندس شاگردن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“


تنهن تي عيسيٰ جا گھڻا ئي شاگرد کانئس ڦري موٽي هليا ويا.


ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ