Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو، ڇاڪاڻ تہ بيمارن تي جي معجزا ٿي ڪيائين، سي هنن پئي ڏٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي چمتڪار ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِ⁠جو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني


سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


جڏهن عيسيٰ ٽڪر تان هيٺ لٿو تہ وڏو ميڙ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا.


تنهن تي فريسي ۽ سردار ڪاهن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين هاڻي ڇا ڪريون؟ هي ماڻهو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري.


انهيءَ سبب ڪيترائي ماڻهو عيسيٰ سان ملڻ لاءِ آيا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ اهو معجزو هن ئي ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ عيسيٰ ماڻهن جي اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئا تہ بہ گھڻن ئي مٿس ايمان نہ آندو هو.


هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


عيد فصح جي موقعي تي جڏهن عيسيٰ يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس ايمان آندو.


شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيا نہ ويا آهن.


هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“


عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“


ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ خبر هئي تہ عيسيٰ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا.


عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان معجزن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ