Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن شاگرد پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:19
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.


خداوند ئي اونهن پاڻين تي تخت‌نشين آهي، هو بادشاهہ طور هميشہ هميشہ تخت‌نشين رهندو.


پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين.


تنهنجي ونجھہ هلائڻ وارن تو کي اونهي پاڻيءَ ۾ آندو آهي. پر اوڀر کان گھلندڙ واءُ تو کي وچ سمنڊ ۾ ڀڃي وڌو آهي.


انهيءَ هوندي بہ سامونڊي جهاز وارن ڳن موڙي زمين ڏانهن موٽڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پهچي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ طوفان زور وٺندو ٿي ويو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.


جيئن تہ يروشلم بيت‌عنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو،


آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس.


ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.


پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“


شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو.


اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ