Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پوءِ اهو معجزو جو هن ڪيو، سو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ جيڪو نبي جهان ۾ اچڻو آهي، سو سچ پچ اهو ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 6:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد مان بادشاهي ڪڏهن ختم ڪين ٿيندي، اهي پيڙهي بہ پيڙهي پيا راڄ ڪندا، ۽ انهيءَ جي تڪميل سندن حقيقي حاڪم جي اچڻ سان ٿيندي، جنهن جي اڳيان قومن جو سر جھڪندو.


هنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“


ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو نبي عيسيٰ آهي.“


تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو خدا توڙي سڄي خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي هو.


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“


انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون الياس نبي آهين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اهو نبي آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“


مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، خداوند! منهنجو ايمان آهي تہ مسيح خدا جو فرزند، جيڪو دنيا ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“


هي عيسيٰ جو پهريون معجزو هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي عظمت ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.


تنهن تي عورت کيس چيو تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ڪي نبي آهيو.


پوءِ عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“


پوءِ اهي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ آهي.“


تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي.


عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان معجزن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آهي.


تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟


ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي اهو نبي آهي، جيڪو اچڻو آهي.“


هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو هڪڙو نبي موڪليندو.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ