Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:41 - Muslim Sindhi Bible

41 مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجي عزت ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجو مان ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ انسان منھنجي ساراھہ ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:41
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي خدا جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان عزت حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.


جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي ڇوٽڪارو ملي.


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ خدا لاءِ محبت نہ آهي.


اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟


پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو بادشاهہ بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو.


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي عزت ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي عزت ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


آءٌ خود پنهنجي عزت نہ ٿو چاهيان، پر هڪڙو آهي جيڪو چاهي ٿو تہ منهنجي عزت ٿئي ۽ اهو منهنجي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ساراهہ ڪريان تہ منهنجي ساراهہ ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي ساراهہ ڪري ٿو سو منهنجو پيءُ آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو خدا آهي.‘


اسان ماڻهن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا رسول هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي خدا اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


هائو، جڏهن عيسيٰ کي خدا پيءُ عزت ۽ عظمت بخشي، تڏهن انهيءَ خداءِ‌ذوالجلال وٽان اتي هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ