يوحنا 5:40 - Muslim Sindhi Bible40 تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible40 تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible40 تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament40 تڏھن بہ اوھين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“
جڏهن آءٌ يروشلم ۾ آيس، تڏهن ڇو اتي ڪوبہ ڪونہ هو؟ جڏهن مون اوهان کي سڏيو، تڏهن ڇا جي ڪري ڪوبہ جواب ڏيڻ وارو ڪونہ مليو؟ ڇا آءٌ ايترو ڪمزور ٿي ويو آهيان، جو اوهان کي جلاوطنيءَ کان بچائي نہ سگھيس؟ ياد رکو، آءٌ تہ هڪڙي ئي حڪم سان سمنڊ کي بہ سڪائي ٿو سگھان، ۽ ندين کي رڻپٽ ۾ تبديل ڪري ٿو سگھان. ايتري قدر جو پاڻي نہ ملڻ ڪري ان ۾ موجود مڇي ڳري سڙي وڃي ۽ بدبوءِ ڪري.