Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:39 - Muslim Sindhi Bible

39 اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 اوهين پاڪ لکيتون ڳوليو ڦوليو ٿا، ڇالاءِ جو ڀانئيو ٿا تہ انهن ۾ اسان لاءِ هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اهي ئي آهن جي منهنجي بابت شاهدي ٿيون ڀرين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 اوھين پاڪ لکتون انھيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙھو، جو اوھان جو خيال آھي تہ انھن ۾ اوھان کي دائمي زندگي ملندي ۽ اھي پاڪ لکتون ئي منھنجي شاھدي ڏين ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:39
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُٽلندو هنن کي خداوند جي شريعت تي عمل ڪرڻ سان خوشي ملي ٿي. اهي ڏينهن توڙي رات سندس ئي شريعت تي ڌيان ٿا لڳائين.


مون تنهنجي فرمان کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيو آهي، تہ جيئن تنهنجي خلاف ڪو گناهہ نہ ڪريان.


اهو ائين پڻ آهي جيئن صيئون جبل تي ماڪ پوي، بلڪل حرمون جبل جي ماڪ جيان. بيشڪ صيئون تي خداوند پنهنجي واعدي ڪيل برڪت، يعني ابدي حياتي نازل ڪري ٿو.


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.


ساهوارن جي حياتيءَ جو سرچشمو تون ئي آهين، تنهنجي نور جي روشني اسان کي ڏسڻ جي سگھہ عطا ڪري ٿي.


انهن جي هدايت ۽ تربيت هڪڙي ڏيئي مثل آهي جيڪا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ روشني ڏئي ٿي. سندن نصيحت اوهان کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٿي سيکاري.


اوهين خداوند جي ڪتاب کي جاچي پڙهي ڏسو، انهيءَ لاءِ تہ ڪابہ سٽ رهجي نہ وڃي، بلڪ هر ڪا سٽ ٻيءَ سٽ سان گڏ پڙهي وڃي. اهي سڀ خداوند جون ئي فرمايل ڳالهيون آهن، جيڪي هن پاڻ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون آهن.


تڏهن اوهين کين تاڪيد ڪندي چئجو تہ ”هرگز نہ، بلڪ رڳو خدا جي شريعت ۽ هدايت تي عمل ڪريو.“ يقيناً جيڪي مئلن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا، تن لاءِ صبح نہ ٿيندو.


سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا. اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا. جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟


جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.


عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پاڪ ڪلام ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت.


عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ شريعت ۾ اوهان کي ڪهڙو حڪم ڏنو آهي؟“


ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


تنهن تي ابراهيم وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘


ابراهيم چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين نبين جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي نادانؤ! اوهين نبين جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو.


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ عيسيٰ آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


پر هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي.


پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.


جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي.


انهن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آهين ڇا؟ پاڪ ڪلام پڙهي ڏس تہ تو کي خبر پوي تہ ڪٿي بہ اهو لکيل ناهي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيندو.“


پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن عيسيٰ کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن نبين جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پاڪ ڪلام مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح نبين جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


اي بادشاهہ اگرپا! ڇا اوهين نبين کي مڃو ٿا؟ هائو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مڃيندا آهيو.“


انهيءَ خوشخبريءَ جو واعدو خدا اڳي ئي پاڪ ڪلام ۾ پنهنجي نبين جي معرفت ڪيو هو.


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو.


آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو.


موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“


اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهن، بلڪ اهي اوهان جي زندگي آهن. مٿن عمل ڪرڻ جي ڪري اوهين انهيءَ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين رهندا، جنهن تي اوهين قبضو ڪرڻ لاءِ اردن درياءَ جي پار وڃي رهيا آهيو.“


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


۽ ڪن عورتن کي سندن مري ويل پيارا وري جيئرا ٿي مليا. ايمان جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيئرا ٿي بهتر زندگي حاصل ڪن.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ