Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:38 - Muslim Sindhi Bible

38 نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ اوهين هن جي ڪلام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ نٿا ڏيو: ڇوتہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن کي قبول نٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 نڪي وري ھن جي ڪلام کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن کي ھن موڪليو آھي تنھن کي اوھين قبول ئي نہ ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:38
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تنهنجي فرمان کي پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيو آهي، تہ جيئن تنهنجي خلاف ڪو گناهہ نہ ڪريان.


بدڪارن سان ڪيڏو بہ رحم وارو سلوڪ ڪيو وڃي، پر تڏهن بہ اهي حق جي راهہ تي نہ هلندا. اي خداوند! اهڙن ماڻهن کي تنهنجي عظمت جو بہ ڪو لحاظ ڪونهي، اهي تنهنجي هن انصاف واري ملڪ ۾ بہ بڇڙائي ڪندا ٿا وتن.


ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“


هو پنهنجن وٽ آيو، پر پنهنجن کيس قبول نہ ڪيو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد آهيو. پوءِ بہ اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ نہ ٿا ڏيو.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


اهو شريعت جو ڪتاب تنهنجي زبان تان لهڻ نہ گھرجي. رات ڏينهن تون انهيءَ تي غور ڪندو رهہ ۽ جيڪي منجھس لکيل آهي تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪر. تڏهن ئي تون خوشحال ۽ ڪامياب ٿيندين.


اي منهنجا عزيزؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پيءُ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ خدا جو پيغام اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ