Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 5:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 5:19
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.


پوءِ خدا چيو تہ ”هاڻي اسين انسان کي ٺاهيون جيڪو اسان جي صورت تي اسان وانگر هجي. اُهي مڇين تي، پکين تي، گھريلو ۽ جھنگلي جانورن تي ۽ ننڍن وڏن ساهوارن تي حڪمراني ڪن.“


جنهن ڏينهن مون تو کي پڪاريو تو منهنجو عرض ٻڌو، ۽ مون کي طاقت بخشي منهنجي حوصلي کي وڌايو.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


آسمان خدا جي سچائيءَ کي بيان ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ ئي انصاف ڪندڙ آهي.


تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي مون ڳالهايو آهي سو پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ڳالهايو اٿم، جنهن مون کي موڪليو آهي. انهيءَ ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ مون کي ڇا ڇا چوڻ ۽ ڳالهائڻ گھرجي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن جو حڪم دائمي زندگي ڏئي ٿو. تنهنڪري جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو، سو اهو ئي آهي جيڪو پيءُ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي.“


ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پيءُ جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پيءُ، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو.


عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“


جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي زندگي ڏئي ٿو.


آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون.


هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو.


هاڻي جڏهن اها منادي ڪئي ٿي وڃي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيئرا ٿي ڪين ٿا اٿن؟


ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنهن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جيئرو ڪيو آهي، سو عيسيٰ سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيئرو ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا گناهن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ خدا جي فضل جي ڪري ئي بچي ويا آهيو.


دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو


هو پنهنجي انهيءَ قدرت سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس بدن کي بدلائي پنهنجي عظمت واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


مطلب تہ خداوند عيسيٰ جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو تنهن ۾ آءٌ هر ڳالهہ کي منهن ڏيئي ٿو سگھان.


انهيءَ لاءِ ضروري آهي تہ اوهين سندس عظمت واري قدرت سان هر طرح طاقتور ٿيندا وڃو. پوءِ اوهين هر حالت ۾ صبر ۽ برداشت ڪندي خوشيءَ سان


سڀ شيون، آسمان ۾ توڙي زمين تي، ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي نہ ايندڙ، تخت هجن توڙي طاقتون، حڪومتون هجن توڙي اختياريون، مطلب تہ خدا سموريون شيون هن ۾ شامل، هن جي وسيلي ۽ هن جي لاءِ پيدا ڪري قائم رکيون آهن.


ڏسو، جيئن تہ اسان جو ايمان آهي تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو، تيئن اسان جو هي بہ ايمان آهي تہ جيڪي عيسيٰ ۾ مري ويا آهن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ رهائيندو.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ